اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان لاءِ خوشخبري،روس طرفان تيل ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد : پاڪستان روس کان ڪچو تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روس کان ڪچي تيل جي خريداري ۽ پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن بابت اسٽرڪچر کي مارچ ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٽي معاهدا طئي ٿيا آهن. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار بابت معاهدي، پاڪ روس واپاري سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرائي موجب پاڪستان روسي توانائي جي خريداري دوست ملڪن جي ڪرنسين ۾ ادائيگي ڪندو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تيل ۽ گئس جي واپاري ڏي وٺ جو اهڙو ڍانچو ٺاهيو ويندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچي. روس ۽ پاڪستان توانائي سهڪار لاءِ گڏيل منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن پراجيڪٽ جي گڏيل انفرا اسٽرڪچر تي غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن سان سستي گئس فراهمي لاءِ پائيدار انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻ تي غور ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار بابت معاهدي، پاڪ روس واپاري سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون. گڏيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ روس ايروناٽيڪل شين جي هوائي قابليت تي ڪم ڪرڻ جو معاهدو به طئي ڪيو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير مصدق ملڪ چيو ته اسان مارچ ۾ روس کان ڪچو تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ شروع ڪنداسين. في الحال پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ روس وٽ ايل اين جي ناهي، پاڪستان روس سان پنهنجي مجموعي ضرورت جو 35 سيڪڙو ڪچو تيل درآمد ڪرڻ چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button