اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل جا گهربل ذخيرا موجود آهن،کوٽ جو امڪان ناهي:پيٽروليم وزارت

اسلام آباد : پيٽروليم وزارت ملڪ ۾ تيل جي کوٽ جي خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي. پيٽروليم واري وزارت وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا گهربل ذخيرا موجود آهن، کوٽ جو ڪو امڪان ناهي، کوٽ جون خبرون بي بنياد آهن. وزارت جو چوڻ آهي ته پي ايس او وٽ پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جو مناسب ذخيرو موجود آهي، ان کانسواءِ تيل پهچائيندڙ ڪمپنين وٽ به پيٽروليم شين جو مناسب ذخيرو آهي. پيٽروليم واري وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته افواهن، اڳڪٿين ۽ گمراهه ڪندڙ اطلاعن تي ڌيان نه ڏيو. هوڏانهن پاڪستان اسٽيٽ آئل به بيان جاري ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا ذخيرا اطمينان جوڳي سطح تي موجود آهن، اسان وٽ تيل جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن. واضح رهي ته اهي خبرون سامهون آيون هيون ته ملڪ جي بئنڪن آئل ڪمپنين جي پيٽرول امپورٽ ايل سيز کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فيبروري جي شروعات کان پيٽرول جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button