پاڪستانخيبرپختونخوا

پختونخوا ۾ جهيڙو ختم،نگران وڏي وزير طور اعظم خان جي نالي تي اتفاق

خيبر پختونخوا ۾ حڪومتي پارٽي تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن وچ ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري لا اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب صوبائي حڪومت ۽ اپوزيشن صلاح مشوري بعد اڳوڻي چيف سيڪريٽري اعظم خان کي خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صوبي ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري جي سلسلي ۾ وڏي وزير محمود خان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ اڪرم دراني وچ ۾ صلاح مشوري جي آخري ڏينهن تي مسئلي جو حل نڪري آيو. اڪرم دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران وڏي وزير لا اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ڳالهين ۾ پرويز خٽڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هوڏانهن ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به اعظم خان کي نگران وڏو وزير بڻائڻ لا گرين سگنل ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button