پاڪستانعالمي

ڪا به هڪ پارٽي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، وزيراعظم ٿيس ته گڏيل حڪومت ٺاهينداسين:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اڪنامڪس فورم تي ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاريندي چيو آهي ته گڏيل قومن جو ٺهرا ڪاغذ کانسوا ٻيو ڪجهه به نه آهن، اسان اميد ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي آواز کي به ٻڌو ويندو، پاڪستان موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي بحران جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪو به ملڪ چئلينجن کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي، مقابلي لاءِ ٻين ملڪن کي مدد ڪرڻي پوندي. ورلڊ اڪنامڪس فورم ۾ شرڪت دوران آمريڪي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پ پ چونڊون کٽي ٿي ته وزيراعظم طور گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي، اسان وزيراعظم شهباز شريف سان صدر بائيڊن جي وڌيڪ رابطن جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته افغانستان هڪ حقيقت آهي، اسان کي عبوري افغان حڪومت سان اڳ کان وڌيڪ رابطا رکڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي چئلينج تي فوجي ۽ سياسي قيادت چٽو موقف رکي ٿي، افسوس ته عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو ۽ ان جي خوشامد ڪرڻ ۾ پوري هئي، عمران خان نه رڳو ٽي ٽي پي وارن کي آزاد ڪيو پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون، ان معاملي تي اسان واضح آهيون، ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پاڪستان ۽ افغانستان کي دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. سيڪيورٽي بابت ڊائيلاگ دوران ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته نئين ورلڊ آرڊر جي ڪري اسرندڙ ملڪ ڏکيائين ۾ ورتل آهي، ٽئين دنيا جي معيشت دٻاءَ جو شڪار آهي يوڪرين واري جنگ جو اثر سڄي خطي تي پيو آهي، بدقسمتي اها آهي ته يوڪرين معاملي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي ته عمل ٿئي پيو، پر ڪشمير بابت عالمي اداري جي ٺهرائن تي ڪو به عمل نه پيو ٿئي، روس ۽ يوڪرين تڪرار جو حل به سفارتي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿيندو. هن چيو ته اسان کي اميد ۽ حقيقت ۾ معاهدو اهو هو ته افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي، جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زنده رهي ها ته نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي ها پر خطو مختلف رخ ۾ اڳتي وڌندڙ هجي ها، پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ظاهر آهي ته ان لا اڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون، منهنجي پارٽي کي اميد آهي ته اسان کٽي وينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستان لا جيڪي چئلينج آهن مون کي يقين آهي ته اسان جي پارٽي جو منشور مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي سميت ملڪ جي اهم مسئلن تي بهترين ڳالهه ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين ناهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي، جيڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته آئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ اتحادي حڪومت ٺاهينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button