پاڪستانپنجاب

اختيار فوج وٽ ۽ ذميوار جمهوري حڪومت هجي،ائين نه هلندو: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اختيار فوج وٽ هجن ۽ ذميوار جمهوري حڪومت کي قرار ڏنو وڃي، ائين نه هلندو، ملڪ مان فوج جو سياسي ڪردار رات پيٽ ۾ ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، موجوده حالتن ۾ آ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسوا ٻيو ڪو آپشن موجود ڪونهي، ٻي صورت ۾ ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو. هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن ذميوار جمهوري حڪومت آهي ته اختيار به ان وٽ ئي هجڻ گهرجن، اهڙي نموني ڪو به نظام نٿو هلي سگهي ته ذميواري جمهوري حڪومت جي هجي ۽ اختيار فوج وٽ هجن، فوج بابت منهنجو موقف گهڻو تبديل نه ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد هيل تائين گهڻو عرصو سڌو سنئون فوجي حڪومتون رهيون آهن، جڏهن ته رهيل عرصي ۾ ڀٽو ۽ شريف خاندانن ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي، پاڪستان جي سياسي تاريخ سبب فوج جو سياسي ڪردار رات وچ ۾ ختم نٿو ڪري سگهجي پر ان جي شروعات ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن شي جي ذميوار سويلين حڪومت آهي ته پو اختيار به سويلين حڪومت وٽ هجڻ گهرجن. آمريڪا بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي حمايت تي ٻڌل پاليسي سان اختلاف رکڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان آمريڪا جو مخالف آهيان، آمريڪا سميت ٻين سڀني ملڪن سان پاڪستان جا سٺا لاڳاپا ضرور هجڻ گهرجن، مون ڪڏهن به اولهه وارن تي اهو الزام ناهي لڳايو ته انهن مون کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته هن وقت آ ايم ايف وٽ نه ويا ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو، پاڪستان وٽ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي بچيو، ملڪ ڊيفالٽ ٿيو ته تمام وڏو نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت ۾ ايتري صلاحيت ئي ناهي، آ ايم ايف ڏوڪڙ تڏهن ڏيندو جڏهن اسان ان جا شرط مڃينداسين ۽ شرط مڃياسين ته مهانگائي وڌيڪ 50 سيڪڙو وڌي ويندي، تنهن ڪري معاشي استحڪام آڻڻ جو فقط هڪ ئي رستو آهي ته ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرايون وڃن، منهنجي غير موجودگي ۾ تحريڪ انصاف جو سربراهه ڪير هوندو، ان حوالي سان وقت اچڻ تي سوچينداسين، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان عوام ۾ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button