پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ پرڻيل جوان ڇوڪري جو گهر مان لاش مليو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ نئون تڙ ۾ 20 ورهين جي پرڻيل ڇوڪري نرملا عرف نرمي زال ڪيلاش ميگهواڙ جو گهر جي چوئنري اندر مبينا ڦاهو کاڌل لاش ٽنگيل حالت ۾ مليو، وارثن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو. ان موقعي تي ناري جي پيرسن ما نانجو ميگهواڙ ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هڻندي چيو ته منهنجي ڌي انٽرپاس هئي، جنهن جي 9 مهينا اڳ شادي ڪرائي، شادي بعد ڌي جي ساهورن سان تڪرار شروع ٿيو، هنن پنهنجي ڌي جيڪا منهنجي ننهن هئي، ان کي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو ۽ منهنجي ڌي کي به اسان وٽ اچڻ وڃڻ نه ڏيندا هئا، منھنجي نياڻي سان ظلم ھو، مسلسل تشدد ڪيو ويندو ھو، مون کي شڪ آهي ته منهنجي ڌي کي ھٿ سان ماري لاش ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو رچايو ويو آهي. هن گهر ڪئي ته انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ناري جي مڙس ڪيلاش الزام رد ڪندي چيو ته آئون ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهيان. 10 ڏينهن اڳ ڳوٺ آيو هئس، اهڙو ڪوبه مسئلو نه هو، رات جو گهرواري ماني کائي ستي هئي، دير سان کٽ تي ستل نه ڏسي اسان ڳولا ڪئي ته چوئنري ۾ لاش ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. خبر ناهي ته زال آپگهات ڇو ڪيو. ٻئي پاسي پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم بعد ما، ڀيڻ ۽ مڙس جو بيان وٺڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button