پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پوليس اهلڪار جي ڌمڪين خلاف رهواسين جو مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پوليس اھلڪار پاران ڦر ڪيس تان هٿ کڻائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڳوٺ حاجي منٺار مري واسي فريادي سترام ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾ ميگھواڙ برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس اھلڪار خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سترام ميگھواڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ ھفتو اڳ مون کان 4 ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، ڦورن ۾ مون ھڪ ڄڻي ڪيلاش ميگھواڙ کي سڃاتو، بعد ۾ ڪيس پراڻي ميرپور ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس ڪيلاش ميگھواڙ کي گرفتار ڪيو آهي، ڪيلاش جو پوليس اهلڪار والد ڪرشن ميگھواڙ ڪيس تان هٿ کڻائي ٺاهھ لا حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي پيو. هن گهر ڪئي ته پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button