پاڪستانسنڌ

ڪلوئي تعلقي ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جو مظاهرو

ڪلوئي: ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ اٽو ڏيڍ سئو رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو، جنهن سبب پورهيت طبقو آزار ۾ اچي ويو آهي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن زاهد لنڊ ۽ نصرالله لنڊ جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر اگھور ننڊ ستل آهي، سڄي شهر ۾ چڪي مالڪ ڪڻڪ ملڻ باوجود سستو اٽو وڪرو نٿا ڪن، نه ئي شهر ۾ ڪتي سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو آهي. هنن چيو ته ڪلوئي تعلقي ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳائي فلور ملز سسٽم ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن امن ڪائونسل آر هيومين رائيٽس ڪلوئي جي چيئرمين عبدالقيوم راهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلور ملز جي ڪوٽا سسٽم ختم ڪري هر دڪان تي سستو اٽو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button