پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ اسڪول سهولتن کان محروم، شاگردن جو مظاهرو

سرهاڙي: سرھاڙي ڀرسان يوسي مرزا فرخ بيگ جي ڳوٺ محمد بخش مگسي ۾ گورنمينٽ بواز پرائمري اسڪول ۾ فرينچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف استادن، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن محرم علي ميراڻي، استاد صيف دين جمالي، غلام شبير مگسي، شاگرد الطاف حسين مگسي، رحمت علي مگسي ۽ ٻين مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ کي ٺهي ڪافي عرصو ٿيو آهي، پر سهولتون نه ملڻ سبب عمارت زبون ٿي وئي آهي، اسڪول ۾ فرنيچر به ناهي، ٻارڙا ٿڌ ۾ فرش تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن وٽ ويا آهيون، پر ڪير مالڪي ڪرڻ لا تيار ناهي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي اعلى آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اسڪولي عمارت ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button