گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي پر سندس بيانن مان ته ائين لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو کيس گرفتار ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسان به ڏسي وٺون ته هي ڪهڙو طوفان آڻڻ چاهين ٿا. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جهڙي طريقي سان ڳالهائيندو آهي، ان مان منهنجو ذهن ٺهي ٿو ته کيس گرفتار ڪرڻ گهرجي، هن وقت عمران نيازي جي گرفتاري جي حق ۾ نه آهيون پر هن جي بيانن ۾ لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو گرفتار ٿيڻ کپي. گهرو وزير چيو ته فواد چوڌري خلاف ايف آ آر اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي درخواست تي داخل ٿي، جيڪا بالڪل درست ايف آ آر آهي، هي ڪيس اليڪشن ڪميشن طرفان آهي، جيڪو شخص اهو چئي رهيو آهي ته فواد چوڌري خلاف ڪيس سياسي پلاند آهي ان کي ايف آ آر پڙهي وٺڻ گهرجي، فواد اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهايو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف سان ٻيهر گڏجاڻي ٿي آهي، ڇنڇر تي (اڄ) پاڪستان واپس ويندس، نواز شريف کان هدايتون وٺڻ بعد مريم نواز جا پهرين فيبروري کان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جا دورا شروع ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close