پاڪستان

چوڌري پرويز الاهي کي به 2002ع کان پهرين گرفتار ٿيڻ گهرجي ها:حبا فواد چوڌري

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي فواد چوڌري خلاف ڏنل بيان تي معذرت قبول نه ٿي، تحريڪ انصاف اڳواڻ جي گهرواري حبا چوڌري سخت ردعمل ظاهر ڪندي پرويز الاهي کي ٺهه پهه جواب ڏنو آهي. تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪيل اڳواڻ فواد چوڌري جي گهرواري حبا پنهنجي ردعمل ۾ بيان ڏيندي چيو ته پرويز الاهي کي به 2002 ۾ سندس 5 سالن جي وڏ وزارت کان اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن هو گرفتار ٿئي ها ته پنجاب جي اها حالت نه هجي ها جيڪا اڄ آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرويز الاهي لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن فواد چوڌري اڳ ۾ گرفتار ٿئي ها ته پنجاب اسيمبلي تڪڙي نه ٽٽي ها. بعد ۾ پرويز الاهي بابت پنهنجي بيان تي معذرت ڪئي ۽ فواد چوڌري جي ڀا سان فون تي رابطو پڻ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button