پاڪستانپنجاب

قرضن ۾ ساڍا 4 کرب کان به وڌيڪ اضافو، مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ايندو:شوڪت ترين

تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ٻن ڏينهن اندر ملڪ جي قرضن ۾ ساڍا 4 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي، هاڻي مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ايندو. اسد عمر سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر 24 رپيا گهٽجي ويو آهي، ڊالر مٿي وڃڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، هي ٻن ڏينهن ۾ ساڍا 4 کرب جو قرض وڌائي چڪا آهن ۽ هيل تائين ملڪ تي 11 کان 12 کرب رپين جو قرض چڙهي چڪو آهي، جڏهن ته پيٽرول سميت جيڪا به شي انهن جي ور چڙهندي هي ان جا اگهه وڌائي ڇڏيندا. شوڪت ترين چيو ته مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان اچڻ وارو آهي، هاڻي کاڌي پيتي جي شين ۽ بجلي جا اگهه وڌندا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو، هي وڌيڪ ٽيڪس لڳائيندا ۽ عوام تي وڌيڪ بار پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ 17 سالن اندر سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ 21 سيڪڙو ٽيڪس وڌڻ سان روينيو ۾ به اضافو ٿيو ۽ مهانگائي 4 سيڪڙو تي هئي، اسان کي 40 مهينا ڏنا ويا ۽ اسان پرفارم ڪري ڏيکاريو. هاڻوڪي کڏي مان نڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button