پاڪستانخيبرپختونخوا

علي امين گنڊاپور فون تي سرڪاري عملدار کان 16 ڪروڙ حصو گهرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور وائرل ٿيل آڊيو ليڪ اصلي هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. علي امين گنڊاپور آڊيو ليڪ ۾ امتياز نالي شخص سان ڳالهائيندي کيس حڪومتي فنڊ جاري ٿيڻ بعد پنهنجو ڪروڙين رپين جو حصو موڪلڻ جو هدايتون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن تي سامهون وارو همراهه علي امين کي 16 ڪروڙ رپيا موڪلڻ جي خاطري ڪرائي ٿو. آڊيو ليڪ ۾ اڳيان هلي علي امين گنڊاپور ساڳئي شخص کان 25 ڪروڙ رپيا پنهنجي تڪ سوات ۾ موڪلڻ جو پڻ چئي رهيو آهي. ٻئي طرف علي امين گنڊاپور ٽوئيٽر تي تصديق ڪندي چيو آهي ته سرڪاري عملدار سان منهنجي آڊيو جعلي يا ٽيمپر ٿيل نه پر اصلي آهي پر ٻڌايو وڃي ته ڪير اهي سڀ ليڪ ڪري اسان جي پرائيويسي کي مانيٽر ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جعلي آڊيو ۽ وڊيوز ذريعي انتهائي خراب راند کيڏي پئي وڃي، اهو عمل ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. هوڏانهن نيب اختيارين اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي والدين، ڀائرن ۽ ٻارن جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، نيب طرفان علي امين گنڊاپور ۽ سندس ويجهن مائٽن جي ملڪيتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڊيرا اسماعيل خان جي ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button