پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ويجهو 5 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ويجھو يوسي سلطان آباد جي مسڻ وڏي-سلطان آباد روڊ تي مصالحه فئڪٽري سامهون گھرن کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنھن سبب 5 گھر سڙي ويا. عرض محمد بروهي، نظر محمد بروهي، نيڪ بروھي، محمد بروھي ۽ نياز محمد بروهي جي گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، کٽون، روڪ رقم ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ان سلسلي ۾ باھه متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڪمن ڪارن سان ٻاھر ھئاسين، پويان اوچتو گھرن کي باھه لڳي وئي، جنھن سبب گهرن ۾ پيل الهه تلهھ سڙي رک ٿي ويو، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، جنهن ڪري اسان جا گهر سامان سميت سڙي ويا، گهر سڙڻ بعد هاڻ تيز ٿڏ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون. باھه متاثرن ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ڊي سي کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button