پاڪستانسنڌ

موسمياتي تبديلي اڻٽر آهي، گڏجي منهن ڏيڻو پوندو:فيض عباسي

ڪراچي: ڪراچي ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ دائود انجينئرنگ يونيورسٽي جي ماحولياتي شعبي جي سهڪار سان 3 ڏينھن جو شھري ماحولياتي تبديلي بابت ورڪشاپ ٿيو، جنهن ۾ سماجي ترقي جي ماھرن، ماحوليات جي ماھرن ۽ تعليمي ماھرن ماحوليات جي مختلف مسئلن بابت نوجوان شاگردن کي ڄاڻ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندڙن زور ڏنو ته ڪراچي اندر تيزي سان شھري آبادي ۾ اضافو ٿيو آھي، پر گند ڪچري جو انتظام بهتر نه هجڻ سبب ماحوليات جا مسئلا وڌي رھيا آھن، جن کي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ان جا حل ڳولڻ جي ضرورت آھي. سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻ جاويد سوز ھالائي چيو ته ماحوليات جي وڌندڙ خراب حالت ۽ موسمي ڦيري سبب شھرن اندر ان جا ناڪاري اثر پون ٿا. گند ڪچري جي ناقص ۽ غير موثر انتظام ڪاري سبب مينھن پوڻ جي سلسلي جي عدم توازن سبب ايندڙ صفت ۾ شھري آبادي کي وڏا خطرا درپيش آهن، جن کي سماجي آگاھي ۽ زندگي گذارڻ جي رويي کي تبديل ڪرڻ سان منھن ڏئي سگھجي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي وي سي فيض الله عباسي چيو ته موسمياتي تبديلي اڻٽر آھي، انکي منھن ڏيڻ لاءِ سمورن شعبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن لا تعليمي ادارن، ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ نجي شعبي کي گڏجي نوان حل ڳولڻا پوندا. ان موقعي تي ماحولياتي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اياز شاهھ بخاري، ماحولياتي ماھر ناصر پنھور،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button