پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ اي سي جا ڇاپا، ٻن فلور ملز مالڪن ۽ هڪ دڪاندار تي ڏنڊ

چيلهار: اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل چيلهار پهچي اٽي جا وڌيڪ اگھا وصول ڪندڙ واپارين خلاف ڪارقوائي ڪئي. اي سي مٺي چيلهار پهچڻ شرط مختلف فلور ملز ۽ دڪانن کان ڳجهھ ڳوهه ۾ اٽو خريد ڪرائي ريٽ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته وڌيڪ اگھه وصول ڪندڙ دڪاندار مهيش ڪمار تي 2 هزار رپيا، فلور مل مالڪ دليپ ڪمار لکواڻي مٿان 10 هزار رپيا ۽ بلالاڻي فلور ملز مالڪ مٿان 5 هزار رپيا ڏنڊ هڻي موقعي تي وصول ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم تان اي سي مٺي ۽ واپارين ۾ منهن ماري پڻ ٿي. واپارين دانهون ڪيون ته اٽي جي سرڪاري مقرر اگهھ تي اسان کي ڪڻڪ به نٿي ملي، تنهن ڪري اسان خلاف ڪارروائي ناانصافي آهي. اي سي وڌيڪ پوليس گهرائي ڏنڊ وصول ڪيو. ان موقعي تي اي سي حميد مغل صحافين کي ٻڌايو ته واپاري ڪيڏي نه نڪ جي پڪائي ڪري رهيا آهن، هي چون ٿا ته اهي مقرر اگهھ تي اٽو وڪرو ڪن پيا، پر مون پاڻ پنهنجي آفيس جي ماڻهو کان اٽي جي خريداري ڪرائي آهي، جيڪو اٽو مون وٽ آهي. هڪ مئجسٽريٽ جي منهن تي ڪوڙ ڪندڙ واپاري عوام کي ڪنهن صورت ۾ به بخش نٿا ڪري سگهن. اي سي مقامي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته چڪي تان اٽو هڪ سئو پنج رپيا ۽ ملز تي اٽو 98 رپين کان وڌيڪ ملي ته بل سميت اسان جي آفيس ۾ شڪايت ڪريو، اسان وڌيڪ ريٽ وٺندڙ واپارين خلاف ضرور ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته اٽو عوام جي بنيادي ضرورت آهي، عوام کي اٽي جي اگهن تي لٽيندڙ واپارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نٿو ڪري سگهجي. واپارين اي سي کي اڪيلائي ۾ ويهي ڳالهائڻ لا منٿون پڻ ڪيون، پر اي سي مٺي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري مٺي روانو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button