
ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي گلشن حيدر جي حد ۾ سي آئي اي پوليس جي انچارج عنايت زرداري ۽ هدايت الله ناريجو ٽيم سان گڏ چيڪنگ دوران نامعلوم ماڻھن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي. سي آئي اي پوليس موجب گرفتار جوابدار علي گل رند ۽ فداحسين رند کي مقابلي بعد گرفتار ڪيو آھي، سندن 2 ساٿي فرار ٿي ويا، جوابدارن جو تعلقي سانگهڙ سان آهي، جوابدارن مٿان ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.