عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي دهشتگرد تنظيم ذريعي قتل جي سازش جو الزام لڳائي ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو آهي ته آصف زرداري مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ هڪ دهشتگرد تنظيم کي پئسو لڳايو آهي، جنهن ۾ طاقتور ايجنسي جا ماڻهو سهولتڪار آهن. لاهور ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو مون کي قتل ڪرائڻ لا پلان “سي” جي خبر پئي ته مون وڊيو ٺاهي موڪلرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ته اهي چار ماڻهو آهن، جيڪي سازش ۾ شريڪ آهن، وڊيو بابت جلسي ۾ ٻڌايم تنهنڪري اهي پوئتي هٽي ويا. هن چيو ته پلان بي ۾ توهين مذهب جو الزام لڳائي مون تي حملو ڪرڻو هو، منهنجي خلاف مڪمل سازش هئي، جنهن تحت توهين مذهب جي مهم هلائي وئي، اهي پنهنجي رٿابندي ۾ لڳ ڀڳ ڪامياب ٿي ويا هئا پر زندگي ۽ موت ڏيڻ وارو الله آهي. اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته هاڻ انهن پلان سي ٺاهيو آهي ۽ جنهن جي پٺيان آصف زرداري آهي، آصف زرداري وٽ ڪرپشن جو وڏو پئسو آهي، سنڌ حڪومت جو لٽيل پئسو هو چونڊن تي لڳائيندو آهي ۽ ايم پي ايز خريد ڪندو آهي، آصف زرداري هڪ دهشتگرد تنظيم کي پئسو ڏنو آهي، قوم کي ٻڌائي رهيو آهيان ته مون جيڪي نالا ڏنا آهن، آصف زرداري کانسواءِ اهي نالا به اچڻا آهن، مون کي ڪجهه به ٿيو ته سڄي قوم کي خبر هجڻ گهرجي اهو ڪنهن ڪرايو؟ انهن جي ڪوشش آهي ته مون کي رستي تان هٽائي تحريڪ انصاف کي هارايو وڃي، رجيم چينج آپريشن ڪندڙ غلطي کي درست ڪرڻ بدران ويتر ملڪ کي ڦاسائيندا پيا وڃن، غلطي درست ڪرڻ جو طريقو رڳو نيون چونڊون هو پر تحريڪ انصاف جي ڪاميابي جي خوف کان چونڊون نه ڪرايون ويون، عوام انهن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏئي، جن جو پئسو ۽ ملڪيتون ٻاهر آهن. هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۽ موت الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي، آئون اليڪشن لا نڪرندس، ٻن هفتن بعد حقيقي آزادي جي تحريڪ لا به ٻاهر نڪرندس، جيڪڏهن مون کي ڪجهه به ٿيو ته قوم کي خبر هئڻ گهرجي ته حملي جي پٺيان ڪير هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close