پاڪستانعالمي

عمران خان جي خلاف پرڏيهي ايجنسيون ڪارروائي ڪري سگهن ٿيون: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مان عمران خان کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته سندس خلاف پرڏيهي ايجنسيون ڪارروائي ڪري سگهن ٿيون، آصف زرداري تي قتل جي سازش عمران خان جي پروپئگنڊا آهي، هي ڪوڙو ماڻهو آهي ۽ سدائين الزام هڻندو رهيو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته عمران خان خبردار رهي، ڪجهه پرڏيهي ڳجها ادارا سندس خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، پرڏيهي ايجنسين کي اندازو هوندو ته عمران خان ان جو الزام اڳواٽ ڪجهه ماڻهن تي لڳائي چڪو آهي، اهڙو بيان ڏيڻ عمران خان جي زندگي لا خطرو بڻجي سگهي ٿو. راڻا ثنا وڌيڪ چيو ته 26 نومبر تي به عمران خان جي زندگي کي پاڙيسري ملڪ جي ايجنسي مان خطرو هو، عمران باقاعده مهم هلائي رهيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته عمران خان کي ووٽ جي طاقت سان سياست مان مائنس ڪري ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button