اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

اوگرا جو تيل بحران پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد :اوگرا پيٽرول جي هٿرادو بحران پيدا ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اوگرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مُلڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا به کوٽ نه آهي، ذخيرا اندوزي ڪري هٿرادو بحران پيدا ڪيو. بحران پيدا ڪرڻ وارن خلاف فوري ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اوگرا جو چوڻ آهي ته هٿرادو بحران پيدا ڪرڻ وارن جا لائسنس رد ڪيا ويندا. صوبائي چيف سيڪريٽريز ذريعي ضلعي انتظاميا جي مدد سان معاملو جلد اُڪلايو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان پنجاب جي مختلف شهرن جي رهواسين پاران پيٽروليم شين جي کوٽ جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button