اسلام آبادپاڪستان

زرداري خلاف 25 سال پراڻو ڪيس ُکلي ويو،نيب اپيلون شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻي ڪيس ۾ نيب اپيلون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. اپيلن تي شنوائي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بينچ ڪندو. خبرموجب اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻيون نيب اپيلون شنوائي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. آصف زرداري جي خلاف آرسز ٽريڪٽر ۽ اي آر وائي گولڊ ريفرنسز ۾ نيب اپيلون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سومر جي ڏينهن شنوائي جي لاءِ مقرر ڪيون آهن. آصف زرداري تي اي آر وائي گولڊ ريفرنس ۾ 10 ملين ڊالر رشوت جو الزام هو. آرسز ٽريڪٽر ريفرنس ۾ ٽريڪٽر اسڪيم ۾ سندس مٿان ڪرپشن جو الزام هو. احتساب عدالت اڳوڻي صدر کي ٻنهي ڪيسن ۾ بري ڪيو هو. نيب آصف زرداري جي بريت کي چيلينج ڪيو آهي. نيب 2014 ۾ آصف زرداري جي بريت کي چيلينج ڪيو ۽ اڄ تائين اڳوڻي صدر کي نوٽيس نه ٿي سگهيو. گذريل شنوائي تي نيب نئين پراسيڪيوٽر جي مقرري تائين شنوائي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button