پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ گهر تي چڙهائي، اهلڪار ناري کي کڻي ويا، ڌرڻو

مقصودو رند : مقصودو رند ۾ پوليس گهر تي چڙهائي ڪري ناري کي کڻي وئي، وارثن ۽ برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو ته اهلڪارن لٺبازي ڪري 5 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڇوڪري کي عدالت بيان بعد مڙس حوالي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مقصودو رند ۾ پورھيت آچر سومرو جي گھر ۾ فجر مهل مقصودو رند پوليس اوچتو چڙهائي ڪري ڏني، جنھن سبب عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، پوليس نوجوان 16 سالن جي ناري مرڪ سومرو کي گرفتار ڪري وئي، جنهن بعد وارثن ۽ سومرا برادري جي ماڻهن پاران نوابشاهه-شھدادپور روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مظاهرين پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج دوران لنڊو ۽ مقصودو رند پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي ۽ مظاهري ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارن تي لٺبازي ڪري آچر سومرو، مھتاب سومرو، اسماعيل سومرو ۽ ڦوٽو سومرو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري روڊ کي کولرائيورتو. هوڏانهن گرفتاري کان اڳ احتجاج ڪندڙ آچر سومرو، ڦوٽو سومرو، اسماعيل سومرو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فجر مھل اوچتو مقصودو رند پوليس اسان جي گھرن تي ڌاڙيلن جيان ڪاھه ڪري اسان جي عورتن ٻارن تي تشدد ڪيو، جنھن بعد اسان جي نوجوان 16 سالن جي ناري مرڪ سومرو کي پوليس اهلڪار کڻي ويا، جيڪو پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي. احتجاج دوران اسان تي پوليس لٺبازي ڪري وحشياڻي نموني تشدد ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان جي ڇوڪري واپس ڪئي وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار محبوب زرداري زال کي قيد ڪرڻ خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني آهي، جنھن تي ناري کي اسان عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت مرڪ کي بيان بعد مڙس محبوب زرداري حوالي ڪيو آهي. ھوڏانھن ڊي ايس پي شھدادپور پوليس اھلڪار محبوب زرداري کي لائين حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button