پاڪستانسنڌ

چيلهار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ آر او پلانٽ خراب، رهواسي پاڻي لا دربدر

چيلهار: چيلهار شهر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪروڙن رپين جي لاڳت سان لڳايل آر او پلانٽ سالن کان خراب پيل آهن، جنھن ڪري رهواسي صاف ۽ مٺي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن. 2 هزار جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ ڳوٺ اڪليون ۽ 5 سئو کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڳوٺ ارنرو ۽ 8 سئو جي آبادي رکندڙ ڳوٺ هريار سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل آر او پلانٽ خراب هجڻ ڪري رهواسي 4 سئو فوٽ اونهي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لا پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺ هريار جي ڳوٺاڻن نياز ڪنڀر، عارب ڪنڀر، رحمت ڪنڀر، دانش ڪمار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان وٽ ڳوٺ ۾ اڍائي ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل آر او پلانٽ انتظاميا جي نااهلي سبب هڪ ڏينھن به هلي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري اسان سخت عذاب ۾ آهيون. مختلف ڳوٺن جي رهواسين ٻڌايو ته ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل آر او پلانٽ وقتن بوقتن خراب ٿي وڃن ٿا، جن کي جڳاڙ ڪري هلايو ويندو آهي، جنهن بعد ٻيهر ناڪارا ٿي ويندا آهن، جنهن سبب رهواسي ۽ جانورن کي پاڻي به نٿو ملي. ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن توڙي لاڳاپيل اداري کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ ناڪارا ٿيل آر او پلانٽن جي مرمت ڪرائي اسان کي مستقل طور تي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button