پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ مبينا قبضو ڪري ٺاهيل 10 گهر ڊاهي پٽ، احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڇاڇرو روڊ تي ڀيل برادري جي قبرستان تي قبضو ڪري گھر ٺاھڻ واري معاملي خلاف درخواستگذار پونجون ڀيل جي درخواست تي عدالتي حڪم بعد اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ حنين شاھاڻي ۽ ڊي ايس پي عمرڪوٽ سڄاڻ سنگھه ٺڪر جي سربراھي ۾ ميونسپل عملي اڏاوتون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون. پوليس جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙھيو، جنهن بعد ميونسپل عملي راھمان برادري جا 10 کان وڌيڪ گھر ڊاھي ملبو ھٽايو. ان سلسلي ۾ درخواستگذار پونجون ڀيل “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري گھر ٺاهيا ويا هئا، انصاف ڀريو فيصلو اچڻ تي خوشي ٿي آھي. ٻئي طرف راھمان برادري جي ماڻھن گهر بلڊوز ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان گذريل 30 سالن کان رهون پيا، بااثر ماڻهن جا بنگلا ۽ مارڪيٽون آھن، جن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ حنين شاهاڻي ٻڌايو ته هي معاملو 10 سالن کان هلندڙ هو، هائيڪورٽ جي حُڪم تي ڪارروائي ڪندي ناجائز اڏاوتون بلڊوز ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button