حيدرآباد: آل اڌر ڪيڊر ٽيچرس الائينس سنڌ جي احتجاجن بعد نيٺ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 2012ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ ڀرتي ڪيل استادن خلاف انڪوائري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ سيڪريٽري تعليم کي ليٽر جاري ڪري 2012ع جي استادن جي انڪوائري بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ آل اڌر ڪيڊر ٽيچرس الائينس سنڌ جي 2012ع جي استادن خلاف بلاجواز انڪوائري جي بهاني نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ انڪوائري ۾ من پسند جي ضلعن کي رعايت ڏيڻ 11 سالن کان ريگيولر ڊيوٽي ڪندڙ استادن کي پروفيشنل ڊگري جو بهانو ڄاڻائي نااهل ڪري برطرف خلاف گذريل 6 مهينن کان استادن جي جاري احتجاج جو وڏي وزير مراد شاهه نوٽيس ورتو ۽ سيڪريٽري تعليم کي ليٽر لکي استادن اڳواڻن جا خدشا ختم ڪري تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت پڻ سيڪريٽر تعليم غلام اڪبر لغاري کان انڪوائري رپورٽ طلب ڪئي هئي. ان سلسلي ۾آل اڌر ڪيڊر ٽيچرس الائينس سنڌ جي صوبائي صدر محمد افضل ڪوريجو ۽ جنرل سيڪريٽري اعجاز کوسو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان جي استادن سان ناانصافي ٿي رهي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته جئين ٻين ضلعن کي انڪوائري ۾ رولز مطابق رعايت ڏني وئي آهي، اها رعايت حيدرآباد ۽ ڪراچي جي استادن کي به ڏني وڃي. اسان وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي نازڪ مسئلي جو نوٽيس ورتو. اميد آهي ته تعليم کاتو اسان جا خدشا ختم ڪرائيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close