پاڪستانسنڌ

خان رند اليون سلطان فقير لاشاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران جاري سخي سلطان فقير لاشاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو. فائنل ۾ خان رند اليون جي ٽيم مقصودورند اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ ڪندي مقصودو رند اليون جي ٽيم زاهد حسين رند جي 43 رنسن جي مدد سان مقرر 10 اوورن ۾103 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ خان رند اليون جي ٽيم مجن علي رند جي 28 رنسن جي مدد سان 10 اوورن ۾ 103 رنسون ٺاهي فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو. بشير علي رند کي فائنل جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو ۽ فاتح ٽيم جي ڪئپٽن کي اي سي ٽي چيئرمين حاجي راهب علي، سالم شير رند، اي سي ٽي وائيس چيئرمين مير امداد علي ٽالپر، حسين بخش رند، استاد غلام حيدر رند، شاهد علي ۽ مظھر رند ڪيش انعام ۽ ٽرافي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button