پاڪستانسنڌ

ٿر مان ترقي جو دور شروع ٿيو آهي:مشاهد حسين

اسلام ڪوٽ: سي پيڪ منصوبي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف سياسي پارٽين جي نامور پارليامينٽرينز جي وفد ٿر ڪول بلاڪ ٽو جو دورو ڪيو. جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب بلاڪ ٽو ۾ موجود سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ڪول مائن (ڪوئلي جي کاڻ) وٽ مقامي انجنيئرن وفد کي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان سان جڙيل سمورن ڪمن بابت بريفنگ ڏني، وفد عورت ڊمپر ڊرائيورن ۽ مقامي ملازمن سان پڻ ملاقات ڪئي. وفد کي ٿر ڪول مائننگ رٿا بابت جنرل مئنيجر هيلٿ عمير اسلم بٽ ۽ ٿر فائونڊيشن جي ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ مبشر سومري وفد کي مقامي آبادي لا کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني، وفد اينگرو پاورجين ٿر لميٽيڊ جي 660 ميگاواٽ پاور پلانٽ جو دورو ڪيو. وفد ۾ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن ڊفينس جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد کان علاوه سينيٽر فيصل ڪريم ڪنڊي، سينيٽر قرة العين مري، ايم اين اي محمد ابوبڪر، صحت وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، قيصر احمد شيخ ۽ پي ٽي آئي جي ڊاڪٽر زرقه سهروردي تيمور شامل هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن ڊفينس جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته اڄ 2023ع ۾ اسان سي پيڪ منصوبي جو ڏهون سال ملهائي رهيا آهيون، سي پيڪ جي ڏهن سالن دوران ترقي ۽ خوشحالي ٿي آهي، پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد ٿر ۾ رکيو پيو وڃي، ٿر هڪڙو پٺتي پيل علائقو هو، پر هاڻي هتان جون عورتون به وڏي جوش جذبي سان ڊمپر هلائي رهيون آهن، ترقي ۾ ساٿ ڏيڻ تي ٿر ۽ ٿر جي مقامي آبادي جا ٿورائتا آھيون، ان کان علاوه ترقي ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀروسو ڪرڻ تي چين جهڙي دوست ملڪ جا ٿورائتا آهيون، اينگرو ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪيل ٿر فائونڊيشن ذريعي ٿر ۾ تبديلي آندي پئي وڃي. ان موقعي تي سينيٽر قرت العين مري چيو ته ٿر ڪول ذريعي ئي توانائي بحران ۽ اقتصادي بحران کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سينيٽر زرقا سهروردي تيمور چيو ته ٿرپارڪر مان هڪ ترقيءَ جو دور شروع ٿيو آهي، جتي جٽادار ترقي جي حدفن کي پورو ڪيو پيو وڃي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ٿر جي ڪوئلي سان ترقي جو خواب جيڪو بينظير ڀٽو ڏٺو، اهو خواب هاڻي ساڀيان ماڻي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button