پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ هارڊ ايريا ۾ ڀرتي ڪيل استادن ۽ ويٽنگ وارن اميدوارن جا ڌار ڌار مظاهرا

مٺي: مٺي ۾ هارڊ ايريا ختم ڪرڻ سبب متاثر ٿيل 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن ۽ ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري آفر آرڊرن لا سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن امتياز اوٺو، وشنداس ڀيل، نيڻورام، منصور اوٺو، دودو اوٺو ۽ ٻين چيو ته ٿرپارڪر ھڪ پوئتي پيل علائقو آھي، جتي ھڪ اسڪول کان ٻي اسڪول تائين 5 کان 30 ڪلوميٽر تائين پيرين پند ٿو وڃڻو پوي، اھڙي پوئتي پيل علائقي کي سنڌ جي ٻين علائقن سان نه ڀيٽ ڪئي وڃي، ڇو ته ھن علائقي ۾ غريب ماڻھو رھن ٿا، انھن وٽ ڪو به وسيلو يا سھولت ناهي. هنن چيو ته تازو هائيڪورٽ سکر بيئنچ فيصلو ڏنو آهي ته سنڌ مان ھارڊ ايريا ختم ڪئي وڃي، پر جيڪي ھارڊ ايريا ۾ 33 کان 39 مارڪن تائين اميدوار ڀرتي ڪيا ويا آھن، اهي اهڙي فيصلي سان سخت متاثر ٿيا آهن. اسان عدالت کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي پنھنجا حق ڏنا وڃن. ٻئي طرف آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪون کڻڻ باوجود ٿرڊ فيز دوران آفر آرڊر ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن پڻ احتجاج ڪندي چيو ته هارڊ ايريا تحت ٻن فيزن ۾ استاد رکي اسان کي ٿرڊ فيز ۾ آرڊر ڏيڻ جو آسرو ڏئي ويٽنگ ۾ رکيو ويو، هاڻ عدالتي حڪم بعد به هارڊ ايريا ڪوٽا تحت ڀرتي ٿيل 33 مارڪن وارن استادن کي نوڪري تي برقرار رکيو وڃي ٿو ته اسانکي به ساڳي پاليسي تحت آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button