پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو جي ٽي اي او ۽ استاد اڳواڻن جا هڪٻئي تي الزام، 2 ڪلاڪ ڌرڻو

ڇاڇرو (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ استادن جون بدليون ڪرڻ کانپوءِ ڇاڇرو ۾ پ ٽ الف ۽ گسٽا جي سڏ تي استاد اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڇاڇرو-عمرڪوٽ مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪ تائين بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. پ ٽ الف ضلعي صدر استاد بادل دل، صديق سمون، آصف ڏوهٽ، گسٽا جي منظور گجو، حيدر سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ استادن سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ تعليم کاتي جون آفيسون استادن لاءِ عذاب گهر بڻجي ويون آهن، رشوت جي بازار گرم آهي، هر پني تي صحيح لاءِ رشوت ورتي وڃي ٿي، ڇاڇرو جو پرائمري ٽي اي او اشفاق سوڍو نئين ڀرتي ٿيل استادن کان رشوت گهري پيو، جيڪو استاد رشوت نه ڏي، ان کي ٽي اي او سئو سئو ڪلوميٽر پري جي ڳوٺن ڏانهن بدلي ڪري ظلم ڪري پيو. استاد اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي تعليم ۾ سياسي مداخلت ۽ رشوت جي ڦرلٽ سبب تعليم جو نظام مڪمل طور تباھه ٿي ويو آهي. هنن تعليم کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کان مطالبو ڪيو ته تعليم دشمن ايجوڪيشن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري استادن کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ڇاڇرو اشفاق احمد سوڍو جو چوڻ هو ته ڇاڇرو ۾ 34 اسڪول بند هئا، جن کي فعال ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي اختيارين جي حڪم تي استادن جون بدليون ٿيون آهن، ڪنهن جي به غلط بدلي ٿي آهي ته جاچ ڪيون ٿا، باقي استاد تنظيمن جا اڳواڻ بليڪ ميلر آهن، الزام بي بنياد هڻي رهيا آهن، پاڻ استادن کان رشوت وٺن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button