پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 2 ڏوهاري گرفتار، هٿيار، موبائل فون ۽ رقم هٿ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي جي مختلف علائقن سميت اڪثر ڪاروباري هنڌن تان چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ واڌ بعد ايس ايس ايس پي ميرپورخاص جي هدايتن تي سي آئي اي انچارج عنايت زرداري، هدايت الله ناريجو ۽ ايس ايڇ او ڪامران هاليپوٽو ڇاپا هڻي ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي ايس ايس پي اڳيان پيش ڪيو ويو. ايس ايس پي ميرپورخاص رٽائر ڪئپٽن چوڌري اسد علي پريس ڪانفرنس ڪندي دعوى ڪئي ته ڏوهارين جي گروهه جي سرگرم ڏوهاري احمد ۽ نثار کي گرفتار ڪيو آهي، جن اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته مختلف علائقن مان موٽرسائيڪل ۽ چوري ڪرڻ سميت موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آھن ۽ سندن قبضي مان چوري ٿيل سامان پڻ هٿ ڪيو آھي، گرفتار جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button