پاڪستانپنجاب

عمران خان “بي فيض” ٿي ويو، جيل ڀرڻا اٿس ته شروعات پاڻ کان ڪري: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان فيض جي ڏڍ تي سياست ڪندو رهيو ۽ جڏهن “بي فيض” ٿي ويو ته هاڻي کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) باجوا رٽائرمينٽ بعد ماڻهن اڳيان اعتراف ڪيو ته هن کان عمران خان جهڙو بلنڊر ٿيو آهي. ملتان ۾ نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان جنرل (ر) فيض جي بيساکين جي سهاري سياست ڪئي، اهو پاڪستان جي 75 ورهين جي تاريخ جو سڀ کان وڏو بلنڊر هو پر فقط بلنڊر ڪرڻ جو اعتراف ڪافي ناهي پر عمران خان کي کڻي سياست مان ٻاهر اڇلائڻو پوندو. هن چيو ته قوم گواهه آهي ته جڏهن به نواز شريف جي حڪومت آئي تڏهن پاڪستان اوچائين جو سفر ڪيو ۽ هر ڀيري نواز شريف جي حڪومت ۾ مهانگائي ۾ به گهٽتائي آئي، نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان ترقي ڪئي، وڏا وڏا منصوبا به آيا، اڄ مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ نواز شريف جا 9 سال ڪڍي ڇڏيو ته کنڊرن کانسوا ٻيو ڪجهه به باقي نٿو بچي. مريم نواز پي ٽي آ سربراهه عمران خان طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان تي تبصرو ڪندي چيو ته جيڪڏهن جيل ڀرڻا آهن ته پهرين پنهنجون ضمانتون منسوخ ڪرايو ۽ تحريڪ جي شروعات پنهنجي ذات کان ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button