پاڪستانعالمي

آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيا جي اهم دوري تي پهچي ويو

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير پنجن ڏينهن جي اهم دوري تي برطانيا پهچي ويو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب جنرل عاصم منير سيڪيورٽي اسٽريٽجڪ معاملن تي برطانوي اختيارين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جنرل عاصم منير کي برطانيا جي بچاءُ واري وزارت طرفان دوري جي دعوت ڏني وئي هئي. رپورٽس موجب جنرل عاصم منير جو دورو 5 ڏينهن تي ٻڌل آهي، آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل عاصم منير جو اِهو برطانيا جو پهريون دورو آهي. دوري دوران عاصم منير پنجين يوڪي پاڪ اسٽيبلائزيشن ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندو، پاڪ اسٽيبلازيشن ڪانفرنس پنج کان 8 فيبروري تائين ولٽن پارڪ ۾ جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button