پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ قلعي ۾ ديوار ڪرڻ سبب مزدور جي فوت ٿيڻ جي جاچ مڪمل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ قلعي ۾ انگريز دور جي جيل واري ديوار ڪرڻ سبب 5 ٻارن جي پيءُ پورھيت فوت ٿيڻ واري معاملي جون ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ڊائريڪٽر آرڪيالاجي نوٽيس ورتو. ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ڪراچي فتاح شيخ نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ان ڏس ۾ عمرڪوٽ قلعي جي انچارج محمد شريف کي معاملي جي جاچ ڪري ٽن ڏينھن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر آرڪيالاجي فتاح شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عمرڪوٽ قلعي جو ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار سان به رابطو ٿيو آھي، معاملي کي ڏسڻ لا چيو آھي. ٻئي طرف قلعي جي انچارج محمد شريف رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون صوبائي وزير ۽ ڊائريڪٽر آرڪيالاجي کي واقعي جو اطلاع ڪيو آھي، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي چاج جو چيو آھي، جاچ ڪري رپورٽ ڏني آھي. ٻئي طرف فوتي مزدور جي وارثن چيو ته نئون جيل تعمير ڪرڻ دوران پراڻي جيل واريون ڪچيون ديوارون مڪمل طور نه ڊاھڻ سبب واقعو پيش آيو، ٺيڪيدار اصول جي ابتڙ ڪم ڪيو، جنھن سبب اسان جو همراهه فوت ٿيو، پر اسان جي هن وقت تائين ڪنهن مدد ناهي ڪئي. هنن گهر ڪئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button