اسلام آباد (رپورٽ:ميان عقيل افضل) حڪومتي نيب ترميمن مان وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، حمزا شهباز، آصف علي زرداري، راجا پرويز اشرف، شوڪت ترين سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي فائدو ٿيو. جڏهن ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ به ڪيترن ئي سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس کي فائدو ٿيو. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيب 137 صفحن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. جنهن موجب پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڪيل ترميمن جو فائدو وٺندڙن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سندس پٽ حمزا شهباز شريف، اڳوڻو صدر آصف زرداري، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد، راجا پرويز اشرف، شوڪت عزيز شامل آهن. ان کان علاوه شوڪت ترين، يوسف رضا گيلاني، سينٽر عبدالقادر، فرزانا راجا، سينيٽر روبينا خالد، سينيٽر يوسف بلوچ، سليم مانڊوي والا، آصف علي زرداري، بلوچستان جو اڳوڻو وزير رحمت علي، اسفند يار ڪاڪڙ، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سبطين خان فائدو ورتو. جڏهن ته نواب اسلم رئيساڻي، لشڪري رئيساڻي، اسفند يار ڪاڪڙ ۽ ارباب عالمگير جا ڪيس يا ته بند ڪيا ويا يا نيب ڏانهن موڪليا ويا. جڏهن ته ان ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي به توشا خانا ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي درخواست سبب فائدو ٿيو. جڏهن ته درجنين بيوروڪريٽس به حڪومتي ترميمن مان فائدو حاصل ڪيو. ٻئي طرف عمران خان جي دور ۾ نيب ترميمن جو فائدو وٺندڙن ۾ يوسف رضا گيلاني، پرويز اشرف، سيف الله بنگش، اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز، لياقت جتوئي، جنرل (ر) جاويد اشرف قاضي، جنرل رٽائرڊ سعيد ظفر، ميجر جنرل حامد شامل آهن. اڳوڻي گورنر ڪي پي ڪي سردار، مهتاب عباسي نواب اسلم رئيساڻي فائدو ورتو. جڏهن ته ان دور ۾ آيل ترميمن مان ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن کي به فائدو ٿيو ۽ انهن جا ڪيس ختم ٿي ويا. واضح رهي ته نيب ترميمي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ نيب کان ان دور ۾ ڪيل ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close