اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

129 دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو تائين واڌ جي سمري تيار

اسلام آباد :صحت واري وزارت 129 دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو تائين واڌ جي سمري تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب صحت واري وزارت ڊريپ جي سفارش تي مٿي جي سور، بخار، دل جي مرضن سميت 129 دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو تائين واڌ جي سمري حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽائي فيم انجيڪشن جي قيمت ۾ 368 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. منظوري سان ان جي قيمت 687 رپين مان وڌي 3 هزار 216 رپيا ٿي ويندي. ذريعن موجب ڪلوروڪين فاسفيٽ جي قيمت 206 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 431 رپين مان وڌي 1323 رپيا ٿي ويندي. جڏهن ته نلٽريڪسن جي قيمت 213 سيڪڙو وڌڻ سان 2084 رپيا ٿي ويندي. رپورٽ موجب آءِ ڊراپ جي قيمت 117 سيڪڙو وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي 26 رپين مان وڌي 73 رپين جا ٿي ويندا. سمري ۾ هومن ڪورينڪ گوناڊو ٽروفين جي قيمت 140 سيڪڙو وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، منظوري کانپوءِ ان جي نئين قيمت 2941 رپيا ٿي ويندي. صحت واري وزارت اينٽي ٽي بي ٽيبليٽ جي قيمت به 1242 رپين مان وڌائي 1762 رپيا ڪرڻ ۽ فينو فائبريٽ جي قيمت 212 سيڪڙو وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فينو فائبريٽ 135 رپين مان وڌي 422 رپين جي ٿي ويندي. صحت واري وزارت جون اختياريون اگهن ۾ واڌ ۽ نوان اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ دواساز ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button