اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف ۾ واڌو روينيو تي اتفاق،ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب ڪٽوتي جو امڪان

اسلام آباد :پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ڳالهين ۾ سڌارن ۽ انهي لاءِ اپا وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ترميمي فنانس بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه پاڪستان آءِ ايم ايف کي مقرر هدف پورا ڪرڻ جو به يقين ڏياريو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف مشن چيف جي وفد ملاقات ڪئي. آءِ ايم ايف مشن چيف ناڻي واري وزير کي ڳالهين ۾ هينئر تائين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۾ اضافي روينيو تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن چيف ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ٻڌايو ته ڳالهين جو گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي (ايم اي ايف پي) ڊرافٽ تيار ڪيو پيو وڃي، ايم اي ايف پي جي مسودي کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم مشن جي سربراهه چيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه ۾ مالياتي پاليسين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڳالهين جي نتيجي ۾ سڌارن ۽ قدمن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو ڪالهه نائون ڏينهن هو ۽ اڄ آخري ڏينهن آهي. ان کان اڳ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وفد جي ڳالهين ۾ ڪيل فيصلن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڻي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن. هوڏانهن ان حوالي سان ذريعن طرفان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 9 هين اقتصادي جائزو مڪمل ٿيڻ جو باضابطا اعلان سڀاڻي (خميس) تي متوقع آهي. ذريعن موجب ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب جي گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب ٽيڪس جي شرح ۽ مانيٽرنگ جو نئون نظام جوڙيو ويو آهي ۽ بئنڪن کان قرض وٺڻ ۽ ان کي روپين ۾ واپس ڪرڻ جو نئون طريقو طئي ڪيو ويندو. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهيون اسان جي حق ۾ ڪرڻ لاءِ جيترو ٿي سگهي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته هي اهو ئي آءِ ايم ايف معاهدو آهي جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صحيحون ڪيون هيون، گذريل حڪومت اهو معاهدو معطل ڪيو هو جڏهن ته موجوده حڪومت ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button