پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لا ريلي

سامارو: سامارو ۾ سنڌي ٻولي کي قولي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ريلي ڪڍي پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ سامارو جي سيڪريٽري ناز فقير شاهاڻي، ڪائونسلر ڊاڪٽر نور محمد حساس خاصخيلي، ھر لال امر ۽ ٻين چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. سنڌي ٻولي قديمي ٻولي آهي، جنهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ضروري آهي، ڇوته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنل آهي، پر اسان وٽ مني صدي گذرڻ باوجود به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ناهي ڏنو ويو. هنن گهر ڪئي ته جلد سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. احتجاج ۾ جھوني ڪامريڊ ڏامرو مل ميگھواڙ، پريس ڪلب جي صدر خان محمد خاصخيلي، سماجي ورڪر روشن بھراڻي، صحافين علي محمد شيدي، رامچند شيگھلاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button