پاڪستانپنجاب

4 ججن ۽ هڪ جرنيل تي ٻڌل پنجن جو ٽولو ملڪ جي بدحالي جو ذميوار آهي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اصل سازش اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف ٿي هئي، 4 جج ۽ هڪ جرنيل تي ٻڌل پنجن جو ٽولو ملڪ جي بدحالي جو ذميوار آهي، پنجن جي ٽولي جو مک جنرل رٽائرڊ فيض حميد هو، جنهن پاڻ کي پاڪستان جو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو هو، کيس چيف بڻجڻو هو تنهن ڪري مهري ۽ سياسي چهري جي ضرورت هئي، نواز شريف ته مهرو نه پئي بڻجي سگهيو، ان لاءِ هن عمران خان گهڙيِ چور کي پنهنجو مهرو بڻايو. سرگوڌا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪلهن تان بدبودار گند جو ٽوڪرو جنهن جو نالو عمران خان آهي لاهي ڦٽو ڪيو ته هي ٽوڪرو ٻن ٽن ججن کڻي ورتو آهي، جيڪا فيض جي باقيات آهي جيڪو اڄ به ڪٿي ويهي آپريٽ ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن هن فتني کي سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ججن طرفان ريسڪيو ڪيو ويندو ۽ شاباش ملندي ته ٻڌايو ته پاڪستان ڪيڏانهن ويندو. ڪارڪنن لاءِ جيل ۽ پنهنجي لاءِ ضمانتون، خوف وچان پلستر نه پيو لهي، نواز شريف جي ڊپ وچان ڪوئي وانگر ٻرڙ ۾ ويٺو آهي. مريم نواز جلسي ۾ اسڪرين تي تصويرون جاري ڪندي چيو ته هي اهي چهرا هئا جن نوازشريف خلاف سازش ڪئي هئي ۽ جيڪو اسڪرين تي پنجن جو ٽولو نظر اچي رهيو آهي اڄ پاڪستان جي حالتن جا ذميوار هي ماڻهو آهن. اڄ عمران خان جي هر شئي ناڪام ٿي ته ان کي واپس آڻڻ جو ذمو انهن ٻن ججن کڻي ورتو آهي. پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ ۽ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سرگوڌا واسين کي خبر آهي ته بئنچ فڪسنگ ٿي رهي آهي، اوهان کي ڇو پتو نه آهي ته بئنچ فڪسنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ياسمين راشد چئي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا ماڻهو ويٺا آهن. مريم وڌيڪ چيو ته جيل ڪاٽيندڙ کي هڪ ئي رات ۾ ما پيءُ ۽ ٻار ياد اچي ويا آهن، دنيا جي پهرين جيل ڀريو تحريڪ آهي جنهن ۾ ڪارڪن اڳيان ۽ پوليس پٺيان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button