اسلام آبادپاڪستان

اسان پاڻ پنهنجون حالتون نه سڌاريون ته ڪو ٻيو مدد لاءِ نه ايندو:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا، هڪ دوست مُلڪ انتظار ۾ آهي، اسان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ بعد اُهو ترت مدد ڪندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر جون حالتون نه سڌارينداسين ته ڪو ٻيو مدد لاءِ نه ايندو. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مُلڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پشاور ڌماڪي ۽ ڪراچي پوليس آفيس تي حملي تي آگاهي ڏني وئي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت غور ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي دور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ هڪ صاحب کي دعوت ڏني وئي پر هو معاملن کي سڌي ريت حل ٿيندي ڏسڻ نٿو چاهي. سياسي مخالفن سميت اسان سڀني بچائڻ لاءِ سياست کي داءُ تي لڳايو آهي. هن سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ٿيو، ڪراچي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن دليري سان مقابلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان جڙيو هو، تازو پشاور سانحو ٿيو ته مون سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اجلاس ۾ دعوت ڏني، نيڪٽا پاڻ هڪ سرڪاري ادارو رهي چڪو آهي. پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول واقعي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان مرتب ڪيو ويو، ان وقت نواز شريف جي حڪومت ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي، انهن کي به دعوت ڏني وئي جيڪي معاملن کي سڌي ريت حل ٿيندي ڏسڻ نٿا چاهين، دعوت باوجود انهن اجلاس ۾ اچڻ مناسب نه سمجهيو، هو هاڻي به ڪوششون ڪري رهيا آهن ته روڊن تي ويهي معاملا طئي ڪريون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بدقسمتيءَ سان اڄ به هڪ طبقو آهي جيڪو روڊن تي معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا، هڪ دوست مُلڪ انتظار ۾ آهي، اسان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ بعد اُهو ترت مدد ڪندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر جون حالتون نه سڌارينداسين ته ڪو ٻيو مدد لاءِ نه ايندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياسي استحڪام هر حوالي سان مقدم آهي، اسان پاڪستان کي ڏکين حالتن کان بچايو، اتحادي حڪومت مُلڪ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪي امن يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان کي اڪنامڪ ٽائيگر بڻائڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button