پاڪستانسنڌ

چوٽياريون لڳ تيز رفتار ڪار ڪلٽي، گهوٽ جي پي سميت 2 ڄڻا فوت

چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو گھوٽ پرڻائي موٽندڙ ڄاڃين سان حادثو ٿي پيو، تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب گهوٽ جي پي سميت 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. خبر موجب چوٽياريون ويجهو سانگهڙ-چوٽياريون مين روڊ تي نئون ڪوٽ اسٽاپ ڀرسان ٽنڊوآدم مان گهوٽ پرڻائي واپس ايندڙ ڄاڃين جي تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو آغا عباس پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي پيو. جڏھن ته گهوٽ جو پيءُ وڏيرو سليم جوڻيجو، سلام جوڻيجو ۽ طلال پٺاڻ زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور سانگهڙ سول اسپتال نيو ويو، جتان وڏيري سليم جوڻيجو کي حالت خراب هجڻ تي حيدرآباد بعد ڪراچي نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو. هوڏانهن گهوٽ جي پيءُ ۽ ڳوٺ جي وڏيري سليم جوڻيجو جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي شادي واري گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. وڏيري جو لاش ڪراچي کان ڳوٺ جاني جوڻيجو گهر پهچڻ تي سڄي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. وڏيري سليم جوڻيجو جي جنازي نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ميان مبين ڪيريو ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف فوت ٿيل سندس دوست آغا عباس پٺاڻ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد ڪراچي موڪليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button