پاڪستانسنڌ

جهڏي ۽ بدين جي دنگ تي ڪيترائي بٺا قائم، رهواسي بيمار ٿيڻ لڳا

جهڏو: جهڏو جي نبي سر موڙ ۽ ضلعي بدين جي ديھه سانگي ۽ ٿورلو سميت ڳوٺن جي آسپاس ٺهيل سرن جا بٺا توڙي ڪوئلي جا ڪپا ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو سبب بڻجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ رهواسين چيو ته بٺي مالڪ لالچ ۾ اچي بٺن ۾ سڪو ڪاٺ ساڙڻ بدران آلو ڪاٺ، پراڻين جتيون، سارين جو توه، پراڻي ڪپڙي جا ٽڪرا، گاڏين جا پراڻا ٽائر، رٻڙ ۽ ٻيو ڪن ڪچرو ساڙي رهيا آهن، جنهن سبب خارج ٿيندڙ انتهائي وڏي مقدار ۾ زهريلي دونهين عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، اسان رهواسي دم، ساهه ۽ ڦڦڙن سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته بٺا مالڪ زمينون پنجن کان ڏهن سالن لاءِ لکت ڪري ورتيون آهن، ڪجهه بٺي مالڪن جون زمينون ذاتي آهن، جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن جي وچ تي هجڻ سبب بٺن مان زهريلو دونهون خارج ٿئي پيو. ٻئي طرف ڄاڻ ملي آهي ته سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ اڪثريت ٻارڙن جي آهي، پورهتين کان بٺي تي 3 کان 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي 24 ڪلاڪ ئي ڪم ورتو پيو وڃي. مليل ڄاڻ موجب پورهيتن مٿان قرض ڄاڻائي کين ٻي بٺي مالڪ ڏانهن به وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ پورهيتن ٻڌايو ته اسان گهر جا سڀ ڀاتي معصوم ٻارن سميت سڄو ڏينهن پورهيو ڪريون ٿا، پر روڪ رقم جي صورت ۾ اجورو نٿو ملي، بٺي مالڪ چون ٿا ته اوهان قرضي آهيو، 15 ڏينهن ۾ يا مهيني ۾ رڳو 2 مڻ اٽو ڏين ٿا، ڪپڙي لٽي يا بيماري ۾ پئسا نٿا ملن. ان سلسلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن باغي راهمون، مولانا شعيب سنڌي، سارنگ ڀٽي ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته عورتن ۽ ٻارن کان پورهيت ڪرائيندڙ بٺا مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري آبادين مان بٺا ختم ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button