جھوڪ شريف: صوفي شاھه عنايت شھيد جي نگري جھوڪ شريف بنيادي سھولتن کان محروم آھي، پر صفائي سٿرائي پڻ خواب بڻجي ويو آھي، شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي، صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر ناليون ھنڌان ھنڌان اٿلي ويون آھن، جنھن ڪري اڪثر گندو پاڻي گھٽين ۽ روڊن تي بيٺل رھي ٿو، جنهن سبب رھواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن. ان حوالي سان شھرين رمضان خاصخيلي، غلام حسين ڪنڀار، عطاالله جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شھر ۾ ھر طرف گندگي جا ڍير لڳل آھن، صفائي صرف ٽي کان چار ڪچا ملازم ڪن ٿا، باقي پڪا ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن. ھنن ٻڌايو ته يوسي جو ڪو به عملو نٿو اچي، ايڊمنسٽريٽر، سيڪريٽري ۽ ڪلارڪ گھر ويٺل آھن، جنھن ڪري مختلف سرٽيفڪيٽن ۽ ٻين ڪمن ڪارن لا دربدر ٿي رھيا آھيون. ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي سجاول کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close