اسلام آبادپاڪستان

عمران کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين:راڻا ثنا الله

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتن تي حملي ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته هي ماڻهو جيل ڀريو تحريڪ ۾ شوق سان جيل ۾ ويا، هاڻي اندر وڃڻ وارا ٻاهر اچڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته عمران خان ڪالهه سازش تحت ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ طئي ڪري عدالت تي حملو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جڊيشل ڪمپليڪس تي حملو ناقابل قبول آهي. ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان کي عدالتن تي حملي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيون. گهرو وزير جو چوڻ آهي ته عمران جا ناز نخرا برداشت ڪيا ويا، عدليا کان اپيل آهي اوهان کيس رعايت ڏني، کيس وقت ڏنو هاڻي ان جو هي نتيجو نڪتو آهي، عمران خان ۾ نه اخلاق آهي نه ئي انسانيت.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button