خيرپور: خيرپور جي علائقي ڳاڙھي موري ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي. خبر موجب پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙھي موري ڀرسان ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻي ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ھڪ ڌر جمعي نماز تان واپس ايندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، قتل ٿيلن ۾ 17 ورھين جو رحمت الله ڏونگراڻي، 28 ورھين جو رابيل پٽ وريل ۽ 17 ورھين جو حيدر پٽ مير حسن ڏونگراڻي شامل آهن، جڏهن ته عبدالقدير، علي حسن، عثمان زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتا. جڏهن ته لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جنهن کان پو مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن پوليس علائقي ۾ ڇڪتاڻ بعد پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي. جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close