حيدرآباد: حيدرآباد ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد طرفان اولڊ ڪئمپس ۾ گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ هيڊ ٽيچرز لا ڪيپيسٽي بلڊنگ آف اسڪول ليڊرز جي عنوان سان تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي مرد ۽ عورت هيڊ ٽيچرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي هيڊ ٽيچرن جي آجيان ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته هيڊ ٽيچرز جو اسڪول هلائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، هيڊ ٽيچرز، هيڊماستر يا هيڊمسٽريس ئي اسڪول جي ماحول کي بهتر بڻائي تعليمي سرگيون سٺي نموني جاري سگهن ٿا، ان لا ضروري آهي ته هيڊ ٽيچرز پاڻ اسڪول تي ڌيان ڏين ۽ معاملا ڏسن. پروفيسر ڊاڪٽر طارق ڀٽي چيو ته اسڪول هيڊ ٽيچرز سان ئي هلندو آهي، هيڊ ٽيچرز جو فرض آهي ته سمورن استادن کي گڏ کڻي هلي ۽ انهن سان اسڪول جي بهتري لا مشورا به ڪري. عارف لوڌي ليڪچر ڏيندي چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا، تعليمي سرگرميون، استادن ۾ تعليمي اسڪل ۽ اسڪول جو ماحول بهتر ڪرڻ هيڊ ٽيچرز جي هٿ ۾ آهي، پر بدقسمتي سان اسان جي سماج جي اسڪولن جي حالت هيڊ ٽيچرز پاران توجه نه ڏيڻ سبب خراب آهي، ان ۾ بهتري آڻڻ لا سڀ کان اول هيڊ ٽيچرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ورڪشاپ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ثميرا ارم، سائره سومرو، جميل احمد قريشي ۽ ڊاڪٽر دلشاد اسڪول مئجمينٽ جي حوالي سان سيشنز دوران هيڊ ٽيچرن کي اسڪولي عمارت، ڊسيپلين، اسيمبلي ۽ ٻين معاملن بابت ليڪچر ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close