پاڪستانسنڌ

هيڊ ٽيچرز جو اسڪول هلائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي:ستار عالماڻي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد طرفان اولڊ ڪئمپس ۾ گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ هيڊ ٽيچرز لا ڪيپيسٽي بلڊنگ آف اسڪول ليڊرز جي عنوان سان تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي مرد ۽ عورت هيڊ ٽيچرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي هيڊ ٽيچرن جي آجيان ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته هيڊ ٽيچرز جو اسڪول هلائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، هيڊ ٽيچرز، هيڊماستر يا هيڊمسٽريس ئي اسڪول جي ماحول کي بهتر بڻائي تعليمي سرگيون سٺي نموني جاري سگهن ٿا، ان لا ضروري آهي ته هيڊ ٽيچرز پاڻ اسڪول تي ڌيان ڏين ۽ معاملا ڏسن. پروفيسر ڊاڪٽر طارق ڀٽي چيو ته اسڪول هيڊ ٽيچرز سان ئي هلندو آهي، هيڊ ٽيچرز جو فرض آهي ته سمورن استادن کي گڏ کڻي هلي ۽ انهن سان اسڪول جي بهتري لا مشورا به ڪري. عارف لوڌي ليڪچر ڏيندي چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا، تعليمي سرگرميون، استادن ۾ تعليمي اسڪل ۽ اسڪول جو ماحول بهتر ڪرڻ هيڊ ٽيچرز جي هٿ ۾ آهي، پر بدقسمتي سان اسان جي سماج جي اسڪولن جي حالت هيڊ ٽيچرز پاران توجه نه ڏيڻ سبب خراب آهي، ان ۾ بهتري آڻڻ لا سڀ کان اول هيڊ ٽيچرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ورڪشاپ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ثميرا ارم، سائره سومرو، جميل احمد قريشي ۽ ڊاڪٽر دلشاد اسڪول مئجمينٽ جي حوالي سان سيشنز دوران هيڊ ٽيچرن کي اسڪولي عمارت، ڊسيپلين، اسيمبلي ۽ ٻين معاملن بابت ليڪچر ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button