پاڪستانپنجاب

سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سمجهوتو ڪرڻ لا تيار آهيان:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ اليڪشن مهم جي شروعات ڪندي چيو آهي ته مان سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سمجهوتو ڪرڻ لا تيار آهيان، جن مون تي قاتلاڻو حملو ڪرايو، انهن کي به معاف ڪرڻ لا تيار آهيان، منهنجو مطالبو آهي ته 60 سيڪڙو ملڪ ۾ اليڪشن بدران سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ گهرجن، ليول پليئنگ فيلڊ تڏهن ايندي آهي جڏهن ملڪ ۾ انصاف هوندو آهي. لاهور ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت ڪيرائي پئي وئي ته ان وقت آرمي چيف باجوا کي سمجهايو هو ته ان سان عدم استحڪام ايندو، سياستدان سڀني سان ڳالهائيندو آهي ڪنهن سان وچ وارو رستو ڪڍندو آهي پر جيڪي ماڻهو ملڪ جو پئسو چوري ڪن انهن سان ڳالهه ٻول ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ جنرل باجوا چيو ته انهن کي اين آر او ڏي، عوام جو پئسو کين معاف ڪرڻ وارو مان ڪير ٿيندو آهيان، مون کي خبر آهي ته قاتلاڻي حملي ۾ ڪير ڪير ملوث هو، حملو ڪندڙن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. عمران خان چيو ته نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ ڪاٽيا ۽ ٻاهر اچي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين، مان 26 سالن کان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيو آهيان، اڄ پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اهو يقين رکان ٿو ته اهي چونڊون ڪرائيندا، ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ چونڊون پهريون قدم ۽ واحد حل آهي، سياسي استحڪام چونڊن سان ئي ايندو، ان کانپوءِ معاشي استحڪام ايندو، عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ايندي ته عوام جو اعتماد وڌندو، اعتماد نه هوندو ته سيڙپڪار پنهنجو پئسو نه لڳائيندو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي پهريون جلسو ڪري چونڊ مهم جي شروعات ڪندس، ٻن هفتن تائين سڀئي ٽڪيٽون ورهائي ڇڏيندس، پوئين ڀيري اسان جون ٽڪيٽون وڪرو ٿيون پر هن دفعي سڀئي ٽڪيٽون پنهنجي هٿن سان ڏيندس، جيڪو پارٽي جو نظم ۽ ٽوڙيندو ان کان پارٽي مان ڪڍي ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button