اسلام آبادپاڪستان

رڪارڊ مهانگائي پگهارن کي ناڪافي ڪري ڇڏيو، گهر هلائڻ مشڪل

ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچڻ ڪري صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته هڪ سال اڳ 50 هزار رپيا ڪمائيندڙ جي پگهار 15 هزار 750 رپيا گهٽجي وئي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق گذريل سال فيبروري کان فيبروري 2023ع تائين ملڪ ۾ مهانگائي 31 سيڪڙو وڌي وئي آهي، بجلي، گيس، پيٽرول، کاڄرو تيل، گيهه، اٽو، داليون، ڪڪڙ جو گوشت، اسڪول جي في ۽ ڀاڙا هر شئي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هڪ سال اڳ ۾ 50 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي هاڻي 34 هزار 250 رپين ۾ گذارو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ گهر جي مسواڙ، کاڌي پيتي جو سامان، اسپتال جا خرچ ۽ ٻارن جي اسڪول جي في به ڏيڻي آهي. رپورٽ مطابق اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي تي ضابطي لا وياج جي شرح وڌائي پر ان جي نتيجي ۾ مهانگائي ويتر وڌي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button