پاڪستانپنجاب

اسان کي عمران خان جهڙي بزدل سان نه، مهانگائي سان مقابلو ڪرڻو آهي:شازيا مري

وفاقي وزير شازيا عطا مري خانڳڙهه ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بينظير ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مظفر ڳڙهه ضلعي ۾ 6 ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر ٺاهيا ويندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت مظفر ڳڙهه جي 3 لک 21 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن ۽ ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر ۾ هاڻي تائين 8 لک 72 هزار سروي مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت بينظير ڪفالت جي ايندڙ قسط لاءِ 78 ارب کان وڌيڪ جي رقم رکي آهي ۽ ساليانو بجيٽ 252 ارب رپيا آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جو نعرو اهو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ اسان عوام جي نبض تي هٿ رکي انهن جي تڪليف کي سمجهنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه لاڏلا سليڪٽ ٿي اچن ٿا، انهن جو سروڪار ئي ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. عمران خان 4 سال هيليڪاپٽر جا مزا ورتا، هاڻي ته عوام جي جان ڇڏي. اسان کي تو جهڙي بزدل جو مقابلو ناهي ڪرڻو، بلڪه مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن ملڪ کي سياسي استحڪام ۽ روزگار جي ضرورت آهي. وفاقي وزير شازيه مري خطاب ڪندي چيو ته افسوس آهي ته مون کي پڻ قاتل روڊ تي سفر ڪري اچڻو پيو. هن ماڻهن سان واعدو ڪيو ته بلاول وزيراعظم بڻيو ته هن قاتل روڊ کي ڊبل ڪرائڻ کان ڪو به روڪي نه سگهندو. وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي هميشه سچا واعدا ڪيا آهن ۽ واعدا وفا به ڪري ڏيکاريا. ووٽ جي قيمت جي خبر صرف ورڪرن کي ئي آهي، عمران خان پنهنجي 4 سالن ۾ هيليڪاپٽر جا مزا ورتا، هاڻي ملڪ جي جان ڇڏي. شازيه مري چيو ته اسان کي وڏين ڳالهين جي خبر آهي، پر اسان اوهان جي پيءُ جا قصا نه کولينداسين. اسان کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻو آهي، ملڪ کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ مظفر ڳڙهه کي يونيورسٽي جي ضرورت آهي، اسان انشاءَ الله يونيورسٽي وارو واعدو پڻ نڀائينداسين. شازيه مري وومين امپاورمينٽ سينٽر خانڳڙهه ۾ بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته قاتل روڊ کي ڊبل ڪيو ويندو. سياست ڪرڻي آهي ته عوام جي پارٽي ۾ ڪيو. هن چيو ته خانڳڙهه جي عورتن لاءِ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر جي ڪائونٽرن جو تعداد وڌائڻو آهي. عمران خان کي محنت سان اقتدار مليو هجي ها ته هو ايئن ميدان ڇڏي نه ڀڄي ها. هن چيو ته جيڪي ماڻهو هن ملڪ کي ڦيڻي سڳي سان هلائي رهيا آهن، انهن کي عوامي مشڪلاتن جي خبر ئي ناهي. وفاقي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪندڙن قوم جي ترقي کي قتل ڪيو. مسٽر توشه خانه چاهي ٿو ته اسان توشه خانه وساري ڇڏيون، واچ ڀلجي وڃو، باباءِ جمهوريت نوابزاده نصر الله خان اصولن تي ڄمي سياست ڪئي ۽ مخالفن سان اخلاقيات سان ڳالهايو. هن چيو ته هي ڪهڙو پلاسٽر آهي جيڪو اڃا لهي ئي نٿو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽه ماهي قسط ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، جهڙي طرح بلاول نوجواني ۾ سياست ڪئي آهي، تو اها سياست پيريءَ ۾ به نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button