پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص م ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 4 ٽيمن ۾ مقابلو

ميرپورخاص : ميرپورخاص پريس ڪلب جي زير نگراني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن مان هڪ ميچ جو فيصلو ٿي ويو. ٻيو ميچ گهٽ روشني سبب روڪيو ويو. پهرين ميچ ۾ پيٽرومين لائنز جي ٽيم يونائٽڊ اسٽارز جي ٽيم کي 14 رنس کان هارائي ڇڏيو. بيٽنگ ڪندي پيٽرومين لائنز جي ٽيم 100 بالن تي 124 رنس ٺاهي سگهي، زين پٺاڻ 36 ۽ مبين جٽ 29 رنسون ٺاهيون. يونائٽڊ اسٽارز جي ٽيم ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهي. مهمان خاص ميزان بئنڪ جي مئنيجر عبيدالله ۽ پي پي يوسي چيئرمين عبدالرئوف غوري کي ٽيمن سان تعارف ڪرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button